سفري شڪرو

سفري شڪرو

سفري شڪرو

سفري شڪرو (پکي): چٻري جي نسل جي هن پکيءَ کي انگريزيءَ ۾ Brow Hawk owl ۽ اردوءَ ۾ ڀورا باز اُلو ڪوٺيندا آهن. هن پکيءَ جو سائنسي نالو Ninox Scutulata آهي ۽ هن جو تعلق چٻرن جي Strigidae خاندان سان آهي. هيءَ پکي چٻرن جي هڪ وڏي مخصوص گروهه مان آهي، جنهن ۾ چٻرن جون وڌ ۾ وڌ جنسون ملن ٿيون، جڏهن ته ٻيو گروهه Barn Owls (Tytonidae) جو آهي. سفري شڪرو، گهڻو ڪري ڏکڻ ايشيا، وچ اوڀر کان ڏکڻ چين تائين جي گرم علائقن جي جهنگلن ۽ گهڻ ڪاٺ واري وڻائتي ملڪن ۾ رهندو آهي. هيءَ پکي پنهنجا آکيرا وڻن ۾ موجود سوراخن ۾ ٺاهيندا آهن، جتي مادي هڪ وقت ۾ ٽي کان پنج بيضا لاهيندي آهي


هن صفحي کي شيئر ڪريو